مرڻ کان پوءِ ڪنهن جو خواب پورو ٿيڻ ڇا هوندو آهي، اهو فلسطين جي عوني الدوس جي ڪهاڻي مان معلوم ٿئي ٿو. آگسٽ 2022 ۾ پنهنجي يوٽيوب چينل تي پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو ۾، عوني هڪ مائڪ رکي ٿو ۽ مسڪرائي ٿو جيئن هو پنهنجي يوٽيوب گيمنگ چينل لاءِ پنهنجي ارادن ۽ خواهشن جو اعلان ڪري ٿو، چوي ٿو: ‘سو دوستو، مان هاڻي پنهنجو تعارف ڪرايان ٿو. مان غزه ۾ رهندڙ هڪ فلسطيني آهيان ۽ منهنجي عمر 12 سال آهي. هن چينل جو مقصد هڪ لک سبسڪرائبر، پوءِ 5 لک ۽ پوءِ 10 لک سبسڪرائبر حاصل ڪرڻ آهي. هو ڪئميرا بند ٿيڻ کان اڳ ”خدا حافظ“ چئي پنهنجي مختصر وڊيو کي ختم ڪري ٿو. ان وقت تائين، هن جا صرف هڪ هزار سبسڪرائبر هئا. عوني هڪ سال بعد يعني 7 آڪٽوبر 2023 تي اسرائيل جي بمباري ۾ مارجي وڃي ٿو. ٽن منزلن واري عمارت ۾ هو پنهنجي خاندان ۽ مٽ مائٽن سان گڏ رهندو هو. بمباري ۾ والدين، ڀيڻن ۽ ڀائرن سميت شهيد ٿي وڃي ٿو ۽ ڪو به گهر ڀاتي جيئرو نٿو بچي.

سندس يوٽيوب چينل تي اپ لوڊ ڪيل هڪ ويڊيو کي 40 لک ويوز ملن ٿا. عوني جي ماسي علا جو چوڻ آهي ته عوني هر وقت مسڪرائيندو رهندو هو. هن جي ويڊيوز کي وڌيڪ ويوز ان وقت ملڻ شروع ٿي ويا جڏهن ڪويت جي مشهور يوٽيوبر ابو فلاح سميت مشهور يوٽيوبر ز هن بابت ويڊيو جاري ڪيا. ابو فلاح پنهنجي ويڊيو ۾عوني جو ذڪر ڪري روئي رهيو هو ۽ 90 لک ماڻهن اها ويڊيو ڏٺي. عوني بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ به روئي رهيو هو ۽ چيو ته مان ڳوڙها نٿو روڪي سگهان، اهي منهنجي روح مان نڪرن ٿا. مونکي حيرت ٿي ته عوني مونکي رول ماڊل سمجهندو هو. الله چاهيو ته هو جنت جو پکي هوندو. ياد رهي ته 7 آڪٽوبر کان شروع ٿيل جنگ ۾ 20 هزار کان مٿي فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ 9 هزار کان وڌيڪ ٻارڙا شامل آهن.(بشڪريه بي بي سي)










