لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جناح هائوس تي حملي ۾ ملوث جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 24 مئي جي تاريخ مقرر ڪئي آهي.دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت 267 جوابدارن کي فرد جرم جون ڪاپيون ورهايون.عدالت جناح هائوس حملي ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 24 مئي جي تاريخ مقرر ڪئي آهي.ٻڌڻي ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ٻين حراست ۾ ورتل جوابدارن جي حاضري مڪمل ٿي وئي، ان کان علاوه جيل ٽرائل ۾ عاليه حمزه ۽ خديجه شاهه سميت ٻيا جوابدار پيش ٿيا.










