ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح اسپتال ۽ جناح سنڌ يونيورسٽي کي پنهنجا جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.جناح اسپتال کي سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران وڪيل موقف اختيار ڪيو ته وفاق 25 سالن لاءِ پوري جناح اسپتال کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيو. اسپتال ۽ يونيورسٽي، ملڪيت سميت، 25 سالن لاءِ سنڌ حڪومت کي ڏني وئي آهي. قانون موجب، وفاق ڪنهن اداري جا مخصوص ڪم صوبن کي ڏئي سگهي ٿو، پر پوري اداري کي نه.درخواستگذار چيو ته اسان وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ ٿيل معاهدي کي چئلينج ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته هي ادارو وفاقي حڪومت جو آهي.دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت درخواست جي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










