جناح جي پاڪستان ۾ ڪراچي سنڌ جو حصو نه هو، صديقي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران ’ڪراچي حقوق ريلي‘ کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان پنهنجي حصي جو پاڪستان پاڻ سان کڻي آيا هئاسين، اسان جناح جي پاڪستان ۾ آيا هئاسين، جناح جي پاڪستان ۾ ڪراچي سنڌ جو حصو نه هو. هن چيو ته ڪراچي وفاق جو حصو هو، اسان کي واپس 70ع واري ڏهاڪي ۾ ڌڪيو ويو آهي، اسان سنڌ ۾ نه پر خالي ڪيل يعني متروڪه سنڌ ۾ آيا هئاسين، متروڪه سنڌ هندو سنڌين جو هو جيڪي اسان واري حصي جي هند ۾ ويا. هن چيو ته اسان توهان کي وطن ڏنو، ڀٽو ان کي اڌ ڪري ڇڏيو، اسان توهان کي تهذيب ۽ تعليم سان روشناس ڪيو پر توهان سنڌ کي برباد ڪري ڇڏيو، هاڻ هن شهر ۽ صوبي تي مڙهيل حڪومت کي هي پهريون نوٽيس آهي ته مهاجرن کي حق ڏيو نه ته هاڻي وڌيڪ ظلم برداشت نه ڪنداسين. مقررن سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي خلاف سخت تنقيد ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي مهاجر اختلاف پيدا ڪرڻ ۽ نفرت اڀارڻ واريون تقريرون ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو