جمهوري ادارن جي مضبوطي ملڪي استحڪام جي ضمانت آهي

جمهوري ادارن جي مضبوطي ملڪي استحڪام جي ضمانت آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمهوريت جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي سندس پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ 15 سيپٽمبر پوري دنيا ۾ يومِ جمهوريت طور ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته جمهوريت عوام جي آواز آهي ۽ ان جي حفاظت سڀني تي لازم آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي جدوجهد هميشه عوامي حڪمراني ۽ جمهوري قدرن جي تحفظ لاءِ رهي آهي. جمهوري ادارن جي مضبوطي ملڪ جي استحڪام جي ضمانت آهي، ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي پيپلز پارٽي جي تاريخي قربانين جو نتيجو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته عوام جي حقِ حڪمراني کي يقيني بڻائڻ ئي حقيقي جمهوريت آهي ۽ سنڌ حڪومت جمهوري روايتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. شفافيت، انصاف ۽ عوامي خدمت ئي جمهوريت جو حسن آهن. وڏي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي ووٽ جو حق ۽ جمهوري شعور ڏنو ۽ پاڪستان کي 1973ع جو متفقه آئين جو تحفو ڏنو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو آمريت خلاف بهادريءَ سان جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي جان قربان ڪري عوامي حاڪميت جو جهنڊو بلند رکيو. مراد علي شاھھ چيو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري “پاڪستان کپي” جو نعرو هڻي قومي اتحاد کي برقرار رکيو ۽ پارليامينٽ کي اختيار منتقل ڪري جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ به جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رھيو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته جمهوريت ئي پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. پيپلز پارٽي سدائين آئين، پارليامينٽ ۽ عوامي حاڪميت جو دفاع ڪيو آهي ۽ پنهنجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي جانيون نذراني طور پيش ڪيون آهن. شهيد اڳواڻن جون قربانيون جمهوريت جي بقا جي ضمانت آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو