طفيل مگسي
پاڪستان جي سياست تي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ وقت اسان اڪثر فردن،پارٽين ۽ حڪومتن تي ڀحث ڪريون ٿا۔ليڪن اصل سوال انهيء کان وڌيڪ بنيادي اهو آهي ته:چا پاڪستان ۾ سياست بحيثيت هڪ فڪري طرزجي، بحيثيت هڪ فڪري روايت ۽ بحيثيت هڪ سماجي شعور سان اڳتي وڌي آهي؟مگر افسوس سان گڏ چوڻو پوي ٿو ته جيڪڏهن اسان گذريل ڪجھ ڏهائين جو معروضي جائزو وٺون ته جواب گهڻو حوصلي وارو ناهي۔سياست اقتدار جي ميدان ۾ ته موجود رهي،چونڊون به ٿينديون رهيون آهن،حڪومتون ٺهنديون ۽ ڊهنديون به رهيون آهن،سياسي نعرن جو پڙاڏو به ٻڌڻ ۾ ايندو رهيو آهي،مگر بحيثيت هڪ فڪري و نظريتي سرگرمي واري سياست مسلسل ختم ٿيندي وئي۔هڪ زمانو هو،جڏهن سياست انساني حقن،جهموري آزادين،شهري برابري،ووٽ جي عزت،وفاقي فيڊريشن جي حقن،معاشي انصاف،بين الاقوامي تعلقات ۽ عوامي فلاح جهڙن موضوعن جي چوڌاري گهمبدي هئي۔سياسي پارٽين جي وچ ۾ اختلاف ضرور هوندا هئا۔مگر انهن اختلافن جي پٺيان نظرياتي بنياد به هوندا هئا۔قومي مسئلن جي بحث ٿيندو هو،مختلف رٿون پيش ڪيون وينديون هيون ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سطح تي اهو احساس موجود هو ته سايست جو مقصد صرف حڪومت حاصل ڪرڻ نه بلڪ رياست ۽ معاشري جي مسقبل جي پاسي جي مقرري ڪرڻ به آهي۔اڄ جو منظرنامو مختلف آهي: سياست هن وقت هڪ فڪري جدوجهد کان وڌيڪ هڪ انتظامي ۽ چونڊ انجينئرنگ ۾ تبديل ٿيندي ڏيک ڏيئي ٿي۔بحث جو مرڪز نظريا ناهن بلڪ اتحاد،انحراف،سيٽ ايڊجسٽمنٽ،اقتدار جي ورهاست،نمبرن جي راند ۽ جوڙ ٽوڙ بڻجي وئي آهي۔اڪثر سياسي سرگرمي جو محور اهو ناهي هوندو ته ملڪ ڪهڙي پاسي وڃڻ کپي بلڪ اهو هوندو آهي ته اقتدار جي موجوده يا ايندڙ بندوبست ۾ ڪنهن جو حصو ڪيترو هوندو۔
اها صورتحال صرف سياسي پارٽين جي ناڪامي ناهي بلڪ سموري سماج جي فڪري بحران جي نشاني پڻ آهي۔
چا سمورو ڏوھ سياست دانن جو آهي؟ اسان جي هڪ وڏي غلطي اها آهي ته اسان سموري ذميواري سياست دانن جي مٿان هڻي چڏيون ٿا۔يقينن سياست دان تنقيد کان مٿانهان ناهن۔چاڪاڻ ته اهي سامهون بيٺا هوندا آهن۔ان لاء انهن جون ڪمزوريون به چٽيون هونديون آهن۔ليڪن سياست دان ڪنهن خلا ۾ پيدا ناهن ٿيندا۔اهي هن ئي معاشري،هن ئي ثقافت،هن ئي تعليمي نظام ۽ هن ئي گڏيل شعور جي پيداوار هوندا آهن۔جنهن ۾ اسان سڀ ساھ کڻون ٿا۔جيڪڏهن معاشري ۾ سطحيت غالب ٿيئي ته سياست به سطحي ٿي وڃي ٿي۔جیڪڏهن معاشري ۾ شخصيت پرستي واڌ کائي ٿي ته سياست به شخصيت پرستي جو شڪار ٿي وڃي ٿي۔جيڪڏهن معاشري ۾ سوال اٿارڻ جي روايت ڪمزور ٿي وڃي ته سياست ۾ به احتساب ۽ جواب دهي ڪمزور پئجي وڃي ٿي۔جيتوڻيڪ پاڪستان جي سياسي ماٺار کي صرف سياستدانن جي ناڪامي قرار ڏيڻ اصل ۾ مسئلي جي اصل حقيقتن کان نظرون چورائڻ جي برابر آهي۔
اصل بحران: فڪري قيادت جو فقدان۔
ڪنهن به زنده معاشري ۾ سياست دان رستو ناهن ٺاهيندا، حلانڪ پهريون رستو۔دانشور،مفڪر،محقق،اديب،استاد ۽ اهل قلم مقرر ڪندا آهن۔سياستدان اڪثر انهن ئي فڪري رستن تي هلن ٿاجيڪي معاشري جا ذهن ٺاهيندڙ طبقا انهن جي سامهون رکن ٿا۔بدقسمتي سان پاڪستان ۾ فڪري قيادت جو ڪردار به ڪمزور پئجي ويو آهي۔اخبارن جا صفحا هجن،ٽي وي جا ٽاڪ شوز هجن يا سوشل ميڊيا جا بحث؛اڪثر جڳهن تي سنجيده فڪري مڪالمي جي جڳھ فوري مقبوليت؛جذباتي نعرن ۽ سطحي رٿن وٺي چڏي آهي۔اهڙا موضوع جن تي اونهو قومي بحث ٿيڻ گهربو هو؛اهي يا ته نظرانداز ٿي وڃن ٿا يا محض سياسي ڳوڙ ۾ دٻجي وڃن ٿا۔اسان کي هٺ ٺوڪيا يا دلال دانشور نه بلڪ اهڙا دانشور گهربل آهن جيڪي ڪنهن پارٽي؛ڪنهن حڪومت ۽ ڪنهن طاقت جا ترجمان نه هجن بلڪ صرف سچ؛ دليل ۽ قومي مفاد جا ترجمان هجن۔
اهڙا اهل قلم جيڪي اهو سوال کڻن ته:
پاڪستان جي معشيت جو بنيادي ڍانچو چا هئڻ گهرجي؟
تعليم جو قومي تصور چا هوندو؟
وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اختيارن جي بهتر ورهاست ڪيئن ممڪن آهي؟
مذهب،رياست ۽ شهري آزادين جي وچ ۾ متوازن تعلق ڪيئن هئڻ گهرجي؟
جديد دنيا ۾ پاڪستان جو سفارتي ۽ معاشي ڪردار ڪهڙو هئڻ گهرجي؟
اهي اهڙا سوال آهن۔جيڪي قومن جا پاسا مقرر ڪن ٿا۔
سياسي پارٽيون اڪثر روزاني سياست ۾ منجهيل رهن ٿيون،صحافي ڪو وقت ادارتي يا واپاري مجبورين جو شڪار هوندا آهن،مگر آزاد دانشورن،محققن ۽ اهل قلم وٽ انهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فڪري آزادي هوندي آهي۔ان لاء تاريخ شاهد آهي ته وڏيون سياسي تبديليون پهرين فڪري سطح تي جنم وٺن ٿيون ۽ بعد ۾ سياسي ميدان ۾ پنهنجو اظهار ڪن ٿيون۔جهموريت هڪ واقعو ناهي،بلڪ هڪ هوريان هوريان وارو عمل آهي،پاڪستان جي باري ۾ مايوسي جو اظهار ڪرڻ آسان آهي،ليڪن تاريخ جو مطالعو اسان کي اهم سبق ڏيئي ٿو:جهمريت ڪڏهن به هڪ رات ۾ بالغ ناهي ٿيندي۔اهو هڪ ڊگهو،سست ۽ ڪو وقت تڪليف ڏيندڙ ارتقائي عمل هوندو آهي۔برطانیہ،فرانس،امريڪا ۽ ٻين جهموري معاشرن به پنهنجا سياسي ادارا ڪجھ سالن ۾ نه ٺاهيا۔انهن کي ڏهائيون نه بلڪ ڪو وقت صديون گهربل رهيون۔سياسي شعور،اداره جاتي مضبوطي ۽ جهموري روايتون وقت سان گڏ جڙن ٿيون۔پاڪستان ۾ به سمورين خامين،جهڳڙن،الزامن،چونڊ شڪايتن ۽ سياسي چڪتاڻ جي باوجود سڀ کان اهم ڳالھ اها آهي ته جهوري عمل جو تسلسل برقرار رهي۔چونڊون ٿينديون رهن۔عوام ووٽ ڏيندا رهن۔حڪومتون ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهن۔سياسي پارٽيون عوام جي سامهون جوابده رهن۔انهيء عمل ۾ خاميون ضرور هونديون،ليڪن درست خاميون وقت سان گڏ سڌاري جو رستو به پيدا ڪنديون آهن۔جهموريت جو متبادل جهموريت کان وڌيڪ بهتر ناهي بلڪ اڪثر ان کان وڌيڪ نقصان وارو ٿيندو آهي۔غير جهموري مداخلتون وقتي طور تي مسئلن جو معلوم ٿينديون آهن،مگر ڊگهي عرصي جي طور تي اهي سياسي ارتقا جي قدرتي عمل کي معطل ڪري چڏين ٿيون۔ڏور ڪٿي هڪ روشني به آهي ان سموري تنقيد ۽ ڳڻتي جي باوجود مايوسي ڏاهپ ناهي۔ جيڪڏهن اسان ويچار سان ڏسون ته پاڪستان ۾ نهايت آهستي،نهايت هوريان ۽ ڪافي ڏور ڪٿي ڪنهن مثبت تبديلين جا آثار به ڏيک ڏين ٿا۔شهري شعور اڳ کان وڌيڪ بيدار آهي۔اطلاعات تائين پهچ اڳ کان وڌيڪ ڪشادي آهي۔نئون نسل سوال پچي رهيو آهي۔سوشل ميڊيا گهٽ ۾ گهٽ فڪري اظهار جا نوان دروازا کولي چڏيا آهن۔رياست،سياست ۽ سماج جي باري ۾ اهي بحث جيڪي ڪڏهن محدود ڌرين تائين رهندا هئا،هاڻي ڪشادي عوامي سطح تي پهچي رهيا آهن۔اهي تبديليون ظاهر ۾ ننڍيون محسوس ٿين ٿيون،مگر تاريخ ۾ اڪثر وڏيون تبديليون انهيء ريت خاموشي سان جنم وٺن ٿيون۔شايد پاڪستان کي به سياسي نوجواني تائين پهچڻ جي لاء وڌيڪ ڪجھ ڏهائيون گهربل هجن۔شايد اهو سفر اسان جي خواهش کان وڌيڪ ڊگهو هجي۔شايد رستي ۾ وڌيڪ بحران ۽ ناڪاميون به اچن۔ليڪن جيڪڏهن جمهوري عمل جو تسلسل برقرار رهيو،جيڪڏهن اهل قلم پنهنجو فڪري فرض ادا ڪندا رهن،جيڪڏهن معاشرو سوال پچڻ ۽ بحث ڪرڻ جي روايت زنده رکي سگهيو، ته ڪو سبب ناهي ته اڄ جي چڙوچڙ سياست مستقبل ۾ هڪ بالغ جهموري سياست جو بنياد بڻجي وڃي۔تاريخ جو ڦيٿو گوڙ سان نه،بلڪ تسلسل کان اڳتي وڌي ٿو۔۽ پاڪستان جي افق تي،سمورين اونداهين جي باوجود،اميد جي هڪ جهيڻي مگر مستقل روشني اڃا به موجود آهي۔










