ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ ڪراچي ۾ پُرامن احتجاج ڪندڙ استادن مٿان پوليس ۽ رينجرز پاران تشدد جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته استادن جا جائز مطالبا تسليم ڪري کين حق ڏنا وڃن، پوليس استادن مٿان تشدد ڪرڻ بدران امن امان جي بحالي ۽ سنڌ ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صوبائي جنرل سيڪريٽري اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پُرامن احتجاج ڪرڻ هر شهري جو آئيني ۽ قانوني حق آهي، استادن مٿان لاٺي چارج، ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽرڪينن جو استعمال ڪري مقدس پيشي جي بي حرمتي ڪئي وئي آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. گذريل پندرنهن سالن کان سنڌ مٿان حڪمراني ڪندڙ پ پ پنهنجي جائز حقن لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن، هارين، ڊاڪٽرن سميت مختلف تنظيمن جي احتجاجي مظاهرن مٿان بدترين تشدد، گرفتارين ذريعي جمهوريت جي نالي تي تي ڪارو داغ آهي، استاد ڪنهن چوري يا ڏوهه ۾ ملوث نه بلڪه پنهنجي جائز حقن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، پ پ جو فسطائيت ۽ فاشزم جو چهرو وائکو ٿي چڪو اهي جيڪا پاڻ کي سڀ کان وڏي جهموري پارٽي قرار ڏئي ٿي. سنڌ حڪومت ملازمن جي جائز مطالبن کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده ڪونه آهي، استادن مٿان تشدد ڪرڻ بدران انهن جا جائز مطالبا تسليم ڪري کين پنهنجا حق ڏنا وڃن، استادن مٿان تشدد ڪندڙ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي معطل ۽ گرفتار استادن کي في الفور آزاد ڪرايو وڃي. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت هر مسئلي جو حل پوليس گردي کي سمجهي ٿي، جماعت اسلامي استادن جي جائز مطالبن جي حمايت ۽ اسان سندن مطالبن جي منظوري تائين هر فورم تي ساڻس گڏ آهيون، بلاول زرداري ٻين صوبن ۾ ملازمن مٿان تشدد جي مذمت ڪندو رهيو آهي هاڻي ڇو خاموش آهي؟ وڏو وزير، سردار شاه ۽ سيڪريٽري تعليم جي ذميواري آهي ته هوءَ استادن جي جائز مطالبن تي ڌيان ڏئي مسئلن جي حل لاءِ مناسب قدم کڻن، تشدد ۽ گرفتاريون مسئلن جو حل نه بلڪه اهڙي عمل سان وڌيڪ انتشار ۽ ڏڦيڙ پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي.










