جماعت اسلامي پاران مڪاني چوندن جا نتيجا رد ۽ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو

جماعت اسلامي پاران مڪاني چوندن جا نتيجا رد ۽ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽرجماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي 26 جون تي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي وارين چوندن جي نتيجن کي رد ۽ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حڪومت امن امان جي قيام ۽ اليڪشن ڪميشن فري اينڊ فيئر چونڊون ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي، حڪمران جماعت پيپلزپارٽي حڪومتي سرپرستي ۾ پري پول ۽ پوسٽ پول ڌانڌلين جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، پوليس ۽ پولنگ عملي سميت سموري انتخابي مشينري پيپلزپارٽي جي ورڪرن وارو ڪردار ادا ڪيو، اهڙين چونڊن کان بهتر هو ته حڪومتي انتخابي عمل ۾ وڃڻ بدران پارٽي اليڪشن ڪميشن کان پنهنجي ڪامياب اُميدوارن جي لسٽ جاري ڪرائي ها، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ۾ صاف شفاف ۽ آزاد چونڊن جو خواب آخر ڪڏهن پورو ٿيندو؟. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباءَ آڊيٽوريم ۾ ٻين صوبائي اڳواڻن سان گڏجي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هٿيارن جي زور تي پولنگ عملي، بيلٽ باڪس جي چوري، پُرتشدد واقعا، پولنگ اسٽيشن تي قبضو ۽ سرِعام ٺپا هڻڻ توڙي قيمتي انساني جانين جو نقصان مڪاني چونڊن جي شفافيت وارين دعوائن کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي. مخالف اُميدوارن جا وڏي پيماني تي فارم رد ڪرايا ويا، جيڪو بچيو ان کي لالچ ۽ ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، چوندن کي ڪجهه ڏينهن مس گذريا آهن ڪشمور،جيڪب آباد ضلعن سميت مختلف علائقن ۾ پيپلزپارٽي جي وڏيرن مخالفن خلاف انتقامي ڪاروايون شروع ڪري ڏنيون آهن ۽ اسان جي ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا.هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر پاڻ کي اڻڌريو قرار ڏئي پيو پر ان جي نگراني هيٺ ٿيندڙ چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي لمحه فڪريو آهي. پ پ پاڻ کي جيڪڏهن جمهوري جماعت سڏائي ٿي ته پوء ان کي پنهنجي ڪارڪردگي توڙي جمهوري انداز ۾ مخالفن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. هن گهر ڪئي ته چونڊن جي بئي مرحلي ۾ روينيو عملي بدران آرو ۽ ڊي آر او لاءِ عدليه جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن.ان موقعي تي صوبائي جنرل سيڪرٽري ڪاشف سعيد شيخ، حافظ نصرالله چنا، عبدالحفيظ بجاراڻي ، مولانا حزب الله جکرو،مولانا عبدالوحيد ۽ اطلاعات سيڪرٽري مجاهد چنا پڻ موجود هئا.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو