جماعت اسلامي جي وفد جي اميربخش ڀٽو سان تعزيت

جماعت اسلامي جي وفد جي اميربخش ڀٽو سان تعزيت

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سردار ممتازعلي ڀٽو جي وفات تي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي هڪ وڏي وفد ميرپورڀٽو پهچي مرحوم جي پٽ اميربخش ڀٽو سان تعزيت ڪئي. هنن مرحوم جي مغفرت درجات جي بلندي ۽ پونئرن لاءِ صبرجميل جي دعا ڪئي. وفد ۾ سنڌ جو نائب امير حافظ نصرالله چنا، جنرل سيڪرٽري ڪاشف سعيد شيخ، ڊپٽي جنرل سيڪرٽري يبدالحفيظ بجاراڻي،علامه حزب الله جکرو،محمد عاشق ڌامراه ايڊووڪيٽ،خيرمحمد تنيو،آغا عبدالفتاح پٺاڻ ۽ ٻيا مقامي اڳواڻ شامل هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو