اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ نيب 33 ارب روپيا يعني 20 ڪروڙ ڊالر وصول ڪري چڪي آهي، هي تاريخ جو وڏو ڪرپشن ڪيس آهي. اهڙو اظهار هن جاري ڪيل هڪ ٽوئيٽ ذريعي ڪيو آهي. هن چيو ته آصف علي زرداري 5000 ارب روپين جي ڪرپشن جعلي اڪائونٽس ذريعي ڪئي آهي. ياد رهي ته هن ڪيس ۾ ڪيترائي ماڻهو رقم واپس ڪري چڪا آهن جن مان 9 ارب روپيا ملڪ رياض جي ناٺي زين ملڪ نيب کي ادا ڪيا هئا. هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته نيب پاران هڪ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 29 جعلي اڪئونٽس واري ڪيس جو مک ڪردار يونس قدوائي آهي جيڪو يونس ميمڻ بڻجي ڪئناڊا فرار ٿي ويو آهي. پنجن ريفرنسز ۾ نيب کي گهربل يونس قدوائي جي ميگا اسڪينڊل ۾ مڪمل ڪردار بابت رپورٽ تيار ڪئي وئي آھي. رپورٽ موجب سنڌ بيينڪ ۾ هڪ ارب روپين جي غبن ۽ فلاحي پلاٽن جي غبن ۾ يونس قدوائي جو ھٿ آھي. رپورٽ موجب يونس قدوائي آصف زرداري جو اثر استعمال ڪندي زمينون حاصل ڪندو ۽ ڪڪ بيڪس حاصل ڪندو رھيو. يونس قدوائي، ساڳئي رقم تعميراتي ڪم ۾ سيڙپڪاري جي نالي ۾ استعمال ڪندو هو. رپورٽ موجب اربين رپين جي مني لانڊرنگ ۾ استعمال ٿيندڙ جعلي بينڪ اڪائونٽس جون مھرون يونس قدوائي جي آفيس مان مليون. يونس قدوائي جو هڪ فرنٽ مين نديم احمد کي استعمال ڪري ٻه فلاحي پلاٽس بھ پنھنجي نالي ڪرايا. رپورٽ موجب نديم احمد يونس قدوائي خلاف وعدھ معاف گواھ بڻجي چڪو آھي. رپورٽ موجب پارڪ لين فراڊ ۾ آصف زرداري کي بچائڻ لاءِ يونس قدوائي اڪائونٽس سنڀاليندو رھيو. پنجن ريفرنسز ۾ يونس قدوائي خلاف ھڪ انويسٽيگيشن ۽ 3 انڪوائريز ھلندڙ آھن. ذريعن موجب نيب راولپنڊي يونس قدوائي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نيب ذريعن جو چوڻ اهي ته انٽرپول سميت سمورن ذريعن سان يونس قدوائي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ قانوني ڪاروائي شروع ڪر ڇڏي آهي. ياد رهي ته 2015 ۾ جڏهن بشير ميمڻ ڊي جي ايف آ3 اي هو ته هن ڳجهي معلومات تي جاچ شروع ڪئي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ حسين لوائي خلاف، جتان پيرو کڄندي زرداري گروپ، اومني گروپ ۽ بحريا ٽائون جو ڳٺ جوڙ سامهون آيو. هن ڪيس جي جاچ ۾ فريال ٽالپر، بلاول ڀٽو ۽ سيد مراد علي شاهه به شم رهيا آهن. 2018 ۾ سپريم ڪورٽ ازخود نوٽيس ورتو ۽ جاچ هلندي رهي. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي تڏهوڪي چيف جسٽس بشير ميمڻ جي چوڻ تي از خود نوٽيس ورتو هو. جنهن بعد جي آءِ ٽي ٺهي جنهن 42 ارب روپين جي ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي. ان دوران ايوان صدر جي ملازم مشتاق احمد جي اڪائونٽ ۾ بحريا ٽائون جي اڪائونٽ مان 8.3 ارب روپيا آيا جيڪي جعلي اڪائونٽس ۾ منتقل ٿيا. بعد ۾ هي معاملو عدالت نيب حوالي ڪيو جن احتساب ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪيو. احتساب عدالت آصف علي زرداري کان لکت ۾ جواب طلب ڪيو ته هن 17 صفحن تي مشتمل جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ته ڪنهن به جوابدار تي بنا ثبوت الزام نٿو لڳائي سگهجي. نيب کين ثبوت فراهم ڪري.










