جعفر آباد: پاڻي بحران خلاف آبادگارن جو ڌرڻو، خاطري تي احتجاج ختم

جعفر آباد: پاڻي بحران خلاف آبادگارن جو ڌرڻو، خاطري تي احتجاج ختم

جعفر آباد (ن س) جعفرآباد ۾ نهري پاڻيءَ جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن ۽ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن طرفان قومي شاھراھ تي ھنيل ڌرڻو انتظاميہ سان ڳالھيون ڪامياب ٿيڻ بعد ختم ڪري ڇڏيو.جعفرآباد ۾ نهري پاڻيءَ جي بحران خلاف نيشنل پارٽي جي سڏ تي پاڪستان تحريڪ انصاف، شهري اتحاد، آبادگارن ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي تنظيمن قومي شاهراهه تي شاهي چوڪي ويجهو احتجاجي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران قومي شاهراهه هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ٿي وئي، جنهن سبب ٻنهي پاسن کان سوين ننڍيون وڏيون گاڏيون بيهي رهيون، احتجاج ڪندڙن نهري پاڻي نه ملڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ عبدالرسول بلوچ الزام لڳائيندي چيو ته پٽ فيڊر ڪينال مان غيرقانوني طور پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب جعفرآباد جون نهرون ۽ تلاءَ سڪي ويا آهن ۽ ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسي رهيا آهن.ايڊووڪيٽ آدم رند خطاب ڪندي چيو ته فارم 47 جا حڪمران آبادگارن سان ناانصافي ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته آبي بحران پيدا ڪري آبادگارن جون زمينون هٿيائڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته آبادگارن جا حق ڪنهن کي به کائڻ نه ڏينداسين ۽ سندن حقن لاءِ هر فورم تي جدوجهد جاري رهندي. هوڏانهن احتجاج دوران اسسٽنٽ ڪمشنر ڌيرج ڪمار، ڊي ايس پي ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون. انتظاميا مظاهرين کي يقين ڏياريو ته ٽيمپل، جهڊير ۽ ٻين متاثر نهرن ۾ جلد پاڻي فراهم ڪيو ويندو. انتظاميا جي خاطري کانپوءِ مظاهرين احتجاجي ڌرڻو ختم ڪري قومي شاهراهه ٽريفڪ لاءِ کولڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ گاڏين جي اچ وڃ بحال ٿي وئي. احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن متاثر نهرن ۾ جلد پاڻي فراهم نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ ٻيهر قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو