جسٽس ظفر  سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر

جسٽس ظفر سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري جسٽس ظفر احمد راجپوت کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر ڪري ڇڏيو آهي. صدر جي منظوري کان پوءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جي مقرري جو اطلاق عهدي جي حلف کڻڻ جي تاريخ کان ٿيندو. نوٽيفڪيشن موجب جوڊيشنل ڪميشن آف پاڪستان طرفان مستقل چيف جسٽس جي مقرري تائين ظفر احمد راجپوت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جي عهدي تي مقرر رهندو. وڌيڪ چيو ويو آهي ته ظفر احمد راجپوت هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينئر ترين جج آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ويب سائٽس موجب جسٽس ظفر راجپوت 16 آڪٽوبر 1965ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. هن گورنمنٽ سٽي آرٽس ڪاليج مان بيچلر آف آرٽس، گورنمنٽ جناح لا ڪاليج مان ايل ايل بي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان عالمي لاڳاپن ۾ ماسٽرز ڪيو. جسٽس ظفر راجپوت 1990 ۾ سنڌ بار ڪونسل مان بطور وڪيل رجسٽرڊ ٿيو ۽ 20021 ۾ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل بڻيو. هن ٽن سالن تائين وڪالت ڪئي. انهي کان پوءِ 1993ع ۾ بطور عدالتي مئجسٽريٽ چونڊ ٿيو. هن کي 31 آگسٽ 2013 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جي طور تي ترقي ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو