اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل ايڊهاڪ ججز طور حلف کنيو.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايڊهاڪ ججن کان حلف ورتو.حلف برداري واري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن ۽ اٽارني جنرل شرڪت ڪئي.جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل کي هڪ سال لاءِ ايڊهاڪ جج مقرر ڪيو ويو آهي.










