دڙو (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) ڳوٺ علي مير شاھ جو رھائشي 15 سالن جو يتيم نينگر ارشاد ولد رجب سولنگي ڄمڻ کان وٺي جسم جي مختلف حصن تي گوشت لٽڪيل آهي. سندس ٽنگ، ڪنڌ ۽ پيٽ تي گوشت جا تهه لڙڪيل نظر اچن ٿا. وڌنڌڙ غير ضروري گوشت سبب خارش ۽ رت وھڻ کان پوء جسم جي باقي حصن ڏانھن بيماري واڌ ڪري رھي آھي، نينگر ارشاد سولنگي يتيم ھجڻ سبب پنھنجو پيٽ پالڻ لاءِ تغاري مزدوري ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھي. معذور ھجڻ سبب عام مزدور کان گھٽ ڪم ڪرڻ ڪري کيس مزدوري به پوري نٿي ملي. جنھن ڪري هي مجبور نوجوان گهر ڀاتين جو پيٽ به پالي نٿو سگهي. هن وس وارن کي سندس علاج ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ته جيئن ھو آساني سان عام ماڻھو جيان زندگي گذاري سگھي.










