اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جرمن واقعي تي افغان حڪومت سان ايڪشن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.اسلام آباد ۾ هفتيوار ميڊيا بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير 22 جولاءِ کان 25 جولاءِ تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، دوري دوران اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.هن چيو ته پرڏيهي وزير صدر، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم سان ملاقاتون ڪيون، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ وفدن جي مٽاسٽا تي اتفاق ڪيو ويو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اي سي او جو سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي دوري تي آهي، هو پنهنجي الوداعي دوري تي پاڪستان پهچندو.ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اي سي او جي سيڪريٽري جنرل سان افغانستان، ڪشمير سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو.










