جج خلاف ڪو جج توهين عدالت جي ڪاروائي نٿو ڪري سگهي

جج خلاف ڪو جج توهين عدالت جي ڪاروائي نٿو ڪري سگهي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اعليٰ عدليا (سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ) جي ڪنهن به جج خلاف سنگين بدڪرداريءَ جي الزام هيٺ ڪارروائيءَ جو واحد فورم صرف ۽ صرف سپريم جوڊيشل ڪائونسل آهي. عدالت موجب، آئين جو آرٽيڪل 209، سپريم جوڊيشل ڪائونسل کان سواءِ ڪنهن ٻئي فورم تي جج خلاف ڪارروائيءَ تي پابندي لڳائي ٿو. انهيءَ کان علاوه، آئين جي آرٽيڪل 204 هيٺ جج هڪ ٻئي خلاف توھينِ عدالت جي ڪارروائي نه ٿا ڪري سگهن. عدالت عظمىٰ فيصلو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) ڪميٽي ۽ آئيني بينچ جي تشڪيل واري ڪميٽيءَ جي ميمبرن (چيف جسٽس يحيىٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر) خلاف توھينِ عدالت جي ڪارروائي غير قانوني آهي. ان ڪري، توھينِ عدالت جو نوٽس برقرار نه ٿو رهي سگهي ۽ ان فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي. فيصلي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته جسٽس منصور علي شاهه جي صدارت ۾ جسٽس عقيل احمد عباسي تي مشتمل ٻه رڪني ريگولر بينچ جا 21 ۽ 27 جنوري جا حڪم ناما معطل آهن. انهيءَ ڪري، ڪميٽي ميمبرن خلاف توھينِ عدالت جي ڪارروائي ڪالعدم قرار ڏني وئي آهي. ياد رهي ته ڄاڻايل بينچ، عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي ڪيس مقرر نه ڪرڻ تي، ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس خلاف توھينِ عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي هئي، جنهن جي خلاف نذر عباس انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي. انهيءَ سلسلي ۾، ٻين سماعت جي تحريري حڪم نامي ۾ ٻه رڪني بينچ نذر عباس خلاف توھينِ عدالت جو نوٽس واپس ورتو هو. ان سان گڏوگڏ، ڪيس جي ٻڌڻي مقرر نه ڪرڻ تي، سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) ڪميٽي ۽ آئيني بينچ جي تشڪيل واري ڪميٽيءَ جي ميمبرن (چيف جسٽس يحيىٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر) خلاف توھينِ عدالت جي ڪارروائي هلائڻ لاءِ، سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن تي مشتمل فل ڪورٽ جي تشڪيل ۽ انتظامي حڪم نامي جاري ڪرڻ بابت معاملو چيف جسٽس يحيىٰ آفريدي ڏانهن موڪليو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو