ججن جي بدلين لاءِ اجلاس گهرائڻ واريون درخواستون رد

ججن جي بدلين لاءِ اجلاس گهرائڻ واريون درخواستون رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان يحييٰ آفريدي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي تبادلي جي معاملي تي ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ جي غير رسمي درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان يحييٰ آفريدي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي لکيل جواب ۾ لکيو ته ‘ججز جي تبادلي لاءِ ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست قبول نه ٿي ڪري سگهجي، بنا ڪنهن سبب جي منتقلي جج کي سزا ڏيڻ جي برابر هوندي، تنهن ڪري، ڪنهن خاص مقصد لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ ممڪن ناهي، جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ لکيو ته ‘سنڌ سان تعلق رکندڙ ججن جي واپسي وفاقي توازن جي خلاف ويندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صوبن جي نمائندگي ختم ٿي ويندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڪٽ 2010 جون گهرجون متاثر ٿينديون ۽ 9 مان 5 ججن جي منتقلي عدالتي نظام کي متاثر ڪري سگهي ٿي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي لکيل خط موجب، ‘ڪيترن ئي عهدن جي خالي هجڻ سان عدالتي غير يقيني صورتحال پيدا ٿيندي، هاءِ ڪورٽ جي ججن جي منتقلي لاءِ ڪو واضح سبب يا ادارتي ضرورت بيان نه ڪئي وئي آهي، آئين آرٽيڪل 209 ۾ جج کي هٽائڻ لاءِ هڪ واضح طريقيڪار فراهم ڪري ٿو.خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جج خلاف ڪارروائي صرف آرٽيڪل 209 جي تحت ممڪن آهي. ججن جي انتظامي منتقلي آئين جي خلاف هوندي. ائين ڪرڻ عدليه جي آزادي ۽ خودمختياري کي متاثر ڪري سگهي ٿو. تنهن ڪري، ججن کي منتقلي لائق انتظامي آفيسر سمجهڻ هڪ خطرناڪ رجحان هوندو. اهڙيون منتقليون عدالتي نظام جي ساک کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون.خط جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سيڪريٽري عدالتي ڪميشن جو اجلاس سڏائڻ جو مجاز آهي. 7 اپريل 2026 تي، هڪ ٽئين ميمبرن کان اجلاس سڏائڻ لاءِ هٿ سان لکيل درخواست ملي. سيڪريٽري آرٽيڪل 175 اي تحت هڪ ٽئين ميمبرن جي درخواست تي اجلاس سڏائي سگهي ٿو. منتقلي لاءِ اجلاس سڏائڻ جا سبب ڪميشن جي سڀني ميمبرن کي موڪليا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو