ججن جي اختلافي نوٽس سان ڪو فرق نٿو پوي: فواد چوڌري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته ججن جي اختلافي نوٽس سان ڪو فرق نٿو پوي.اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف آزاد عدليه چاهي ٿي.هن چيو ته ن ليگ هڪ اهڙي عورت کي ترجمان مقرر ڪيو آهي جيڪا ڪائونسلر جي چونڊ به نه کٽي سگهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته سڀني کي خبر آهي ته اهڙن ترجمانن جي مقرري سان پارٽي جو ڪهڙو حشر ٿيندو.ٻئي طرف حڪمران اتحاد سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ اليڪشن ملتوي ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست جي ٻڌڻي ۾ ڌر بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي.مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ اڄ پارٽي بڻجڻ لاءِ درخواست داخل ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو