اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته جتي به تيل ملندو اتان سستو تيل خريد ڪنداسين.مصدق ملڪ اهڙو اظهار فرانس جي نيوز ايجنسي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. ان سوال تي ته ڇا پاڪستان مستقبل ۾ روسي تيل خريد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو؟ مملڪتي وزير چيو ته اڄ اسان کي ڪٿي به سستو تيل ملندو ته پاڪستان اتان تيل خريد ڪندو، في الحال جڏهن پهرين بيچ ايندي ته اندازو لڳائينداسين ته روسي تيل ڪيتري ضرورتن کي پورو ڪري ٿو.ٻئي طرف خابرو ايجنسي موجب آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون نمبر وڏو ملڪ پاڪستان توانائي جي سنگين بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان پنهنجي ضرورت جو 84 سيڪڙو پيٽروليم درآمد ڪري ٿو، جنهن جو وڏو حصو عرب ملڪن مان حاصل ڪيو وڃي ٿو.










