ملير (شهزادو مستوئي) قاسم گارمينٽس ٽيڪسٽائل انتظاميا طرفان ٽن مهينن اندر 100 کان وڌيڪ پورهيتن کي جبري نيڪالي ڏئي نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو. اهڙي عمل خلاف سياسي سماجي ڌريون ۽ پورهيت رستن تي نڪري آيا غريب آباد کان رزاق آباد تائين فيض هيسباڻي، لياقت سومرو، زاهد ڪورائي، عادل آرائين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شريڪ پورهيتن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جنهن تي پورهيتن کان روزگار کسڻ بند ڪيو ۽ ڪراچي جي خانگي ادارن ۾ سنڌي پورهيتن سان ٻٽو معيار نا منظور جا نعرا درج هئا ريلي رزاق آباد جي مين چوڪ تي پهتي علائقي واسي وڏي انگ گڏ ٿي ويا. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي پورهيتن چيو ته ڪراچي جي سمورن خانگي ادارن ۾ ريٽائرڊ فوجي ۽ رينجرز جي آفيسرن کي اعليٰ عهدن تي مقرر ڪري پورهيتن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي. هنن چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن ۾ هر ٻي صوبي جا ماڻهو گهرائي پورهيتن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي جيڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي هنن چيو ته قاسم ٽيڪسٽائل ايڊمن مينيجر مسلسل بنا جواز مقامي پوهيتن کي ڪمپني مان بي دخل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي جهن سبب سوين پورهيت بک بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان هن وقت تائين پوهيتن جي حقن لاءِ ڪيترائي قانون متعارف ڪرايا ويا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هڪ تي به عمل نه ٿي سگهيو آهي. هنن چيو ته هزارين پورهيتن پنهنجون جانيون ڏئي رت جا درياھ وهائي شڪاگو جا روڊ ڳاڙھا ڪري دنيا ۾ پورهيتن کي عزت ۽ برابري جي بنياد تي پاڻ مڃرايو جهن سبب اڄ سڄي دنيا ۾ پورهيت طبقي کي بهتر ڏٺو وڃي ٿو. هنن چتاءُ ڏنو ڪراچي جي سڀني ادارن ۾ جيڪڏهن پورهيتن سان ٿيندڙ زيادتيون بند ڪري بهتر ورتاءُ نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.










