ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ)جاپان جي مالياتي ادارن کي سائبر حملا روڪڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ OpenAاوپن اي آءِ پنهنجي GPT-5.5 ماڊل تائين رسائي ڏني آهي، جاپان جي مالياتي وزير سيتسوڪي ڪاتاياما جمعي ڏينهن آمريڪي ڪمپني جي چيف اسٽرئٽيجي آفيسر سان ملاقات کان پوءِ چيو۔
نئين مصنوعي ذهانت ماڊلز جي جاري ٿيڻ، جيڪي اعليٰ سطح تي ڪوڊ لکي سگهن ٿا، هيڪرز کي بي مثال صلاحيت ڏني آهي ته هو سائبر سيڪيورٽي خطرن کي سڃاڻن ۽ انهن مان فائدو کڻڻ جا طريقا ڳولين۔
بينڪن ۽ ٻين انهن ڪمپنين لاءِ جيڪي سائبر حملن سبب غير مستحڪم ٿي سگهن ٿيون، هڪ اهم بچاءُ جو طريقو اهو آهي ته کين نون ماڊلز تائين اڳواٽ رسائي ڏني وڃي، جيڪي صرف قابلِ اعتماد ڀائيوارن لاءِ موجود هوندا آهن۔
ڪنهن به مالياتي اداري جو نالو نه وٺندي ڪاتاياما چيو ته انهن کي جيڪا رسائي ملي رهي آهي اها “جاپاني مالياتي ادارن جي سائبر حملن خلاف دفاعي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ ۾ هڪ وڏو قدم” آهي۔ هن اهو بيان ٽوڪيو ۾ ڪمپني جي نمائندي سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڏنو۔
نڪئي اخبار خميس ڏينهن رپورٽ ڪيو ته جاپان جون ٽي وڏيون بئنڪون ــ MUFG Bank، Sumitomo Mitsui Banking Corporation ۽ Mizuho Bank ــ ممڪن آهي ته OpenAI جي جديد ماڊل تائين رسائي حاصل ڪن، جنهن کي حريف ڪمپني Anthropic جي Claude Mythos جي برابر سمجهيو وڃي ٿو۔
MUFG ۽ Mizuho هن معاملي تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته Sumitomo Mitsui Banking فوري طور تي تبصرو لاءِ دستياب نه هئي۔
ڪاتاياما جمعي ڏينهن چيو ته جاپان جي حڪومت ۽ مالي ادارن کي به Mythos تائين رسائي ملڻ جي اميد آهي ته جيئن انهن جي دفاعي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي۔
AI مان پيدا ٿيندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ جاپان هن مهيني هڪ سرڪاري ۽ خانگي گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪيو آهي، جيڪو مالي نظام کي لاحق سائبر سيڪيورٽي خطري کي حل ڪرڻ تي ڪم ڪندو۔
OpenAI جو جاپاني مالياتي ادارن کي رسائي ڏيڻ جو فيصلو آمريڪي ۽ جاپاني حڪومتن جي ڳالهين کان پوءِ ٿيو، جڏهن هن اڳ ۾ يورپي ڪمپنين کي به اهڙي رسائي ڏني هئي۔










