اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جان بچائيندڙ 52 نئين رجسٽرڊ ٿيل دوائن جي قيمتن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال، صحت واري سيڪريٽري ۽ ڊريپ (DRAP) جي اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 52 نئين جان بچائيندڙ رجسٽرڊ دوائن جي قيمتن جي منظوري ڏني وئي، منظور ٿيل دوائن ۾ ڪينسر، شگر (ذيابيطس)، هيموفيليا ۽ پارڪنسن جون دوائون شامل آهن. دوائن جي قيمتن جي آخري منظوري وفاقي ڪابينا ڏيندي، ۽ وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ڊريپ قيمتن جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪندو؛ قيمتن جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ اهي دوائون قانوني طور تي پاڪستان ۾ وڪرو ٿي سگهنديون. منظور ٿيل دوائن ۾ ڪينسر جي جديد اميونو ٿراپي دوا “ڪي ٽروڊا” (Keytruda) به شامل آهي، ڪي ٽروڊا سڄي دنيا ۾ 20 کان وڌيڪ قسمن جي ڪينسر جي علاج ۾ استعمال ٿيندي آهي. ان کان علاوه منظور ٿيل دوائن ۾ نيوولوميب، ڊاساٽينيب، مروپينم ۽ انسولين پڻ شامل آهن. اجلاس ۾ وزارتِ صحت مريضن جي ڏکيائين کي نظر ۾ رکندي فوري قيمتن جي منظوري، ۽ دوائن جي قيمتن جي فيصلن ۾ شفافيت توڙي عوامي مفاد تي زور ڏنو. اختيارين موجب، دير ٿيڻ جي ڪري مريض غير رجسٽرڊ، اسمگل ٿيل ۽ مهانگيون درآمدي دوائون وٺڻ تي مجبور هئا، جڏهن ته هن فيصلي سان معياري دوائن جي دستيابي بهتر ٿيندي ۽ غير قانوني سپلائي تي ڀاڙڻ گهٽجي ويندو.










