چين جو دهشتگردي خلاف پاڪستان جي حمايت جو عزم

چين جو دهشتگردي خلاف پاڪستان جي حمايت جو عزم

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي حمايت ڪري ٿو.شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهن جي ڪائونسل جي 25 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ، وزيراعظم شهباز شريف سومر تي تيانجن کان بلٽ ٽرين ذريعي چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ پهتو.نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي به ساڻس گڏ هئا.چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ پنهنجي رهائش دوران، وزيراعظم شهباز شريف فاشزم خلاف عالمي جنگ جي 80 هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو.چيني سرڪاري ميڊيا موجب، وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيني صدر شي جن پنگ جي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ شهباز شريف دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي چيني صدر جو شڪريو ادا ڪيو.ان موقعي تي چيني صدر چيو ته چين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي حمايت ڪري ٿو.هن چيو ته کيس اميد آهي ته پاڪستان چيني اهلڪارن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻندو.ٻئي طرف، وزيراعظم شهباز شريف چين کي ڏکڻ ايشيا ۾ جامع ڳالهين جي نگراني جي دعوت ڏني.ايس سي او اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته چين کي پنهنجي قيادت ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ جامع ڳالهين جو انعقاد ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جلد انهن ڳالهين جا نتيجا حاصل ڪري سگهون.ان کان اڳ، وزيراعظم ڀارتي دهشتگردي کي به بي نقاب ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو