ثناءُ الله عباسي آءِ جي خيبر پختون خواهه مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت آءِ جي گلگت بلتستان ثناءُالله عباسي کي خيبر پختون خواهه پوليس جو سربراهه  مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت 11 مهينا اڳ مقرر ڪيل آءِ جي خيبر پختون خواهه نعيم خان کي عهدي کان هٽائي ان کي او ايس ڊي بڻايو ويو جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. حڪومت گلگت بلتستان پوليس جي آءِ جي جا فرائضٰ انجام ڏيندڙ پوليس سروس آف پاڪستان جي 21 هين گريڊ جي آفيسر ثناءُالله عباسي کي خيبر پختون خواهه پوليس جو نئون آءِ جي مقرر ڪيو آهي جنهن جا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو