ثمر خان آرڪٽڪ ايڪسپيڊيشن مڪمل ڪري ورتي

ثمر خان آرڪٽڪ ايڪسپيڊيشن مڪمل ڪري ورتي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني عورت ايڊونچر ايٿليٽ ثمر خان فيل رائونڊ پولر چيلنج مڪمل ڪري تاريخ رقم ڪئي آهي.300 ڪلوميٽر ڊاگ سليج انتهائي ٿڌي موسم ۾ ٿي، جيڪا سوئيڊن کان شروع ٿي ناروي ۾ ختم ٿي.ثمر خان آرڪٽڪ ايڪسپيڊيشن مڪمل ڪندڙ پهرين پاڪستاني ايٿليٽ بڻجي وئي.ثمر خان چوي ٿي ته جن ماڻهن سوچيو ته هوءَ اهو نٿي ڪري سگهي، انهن لاءِ جواب آهي ته هوءَ اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي.پاڪستاني ايٿليٽ ثمر خان چيو ته هوءَ پنهنجي ڪاميابي پاڪستان کي وقف ڪري ٿي، پنهنجي ايڪسپيڊيشن دوران سخت موسمي حالتن کي منهن ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو