تيره ۾ ڪو آپريشن نه پيو ٿي: طلال چوڌري

تيره ۾ ڪو آپريشن نه پيو ٿي: طلال چوڌري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مملڪتي وزير داخله طلال چوڌري چيو آهي ته تيره وادي ۾ ڪوبه آپريشن نه ٿي رهيو آهي صرف نيشنل ايڪشن پلان جي تحت ڪارروايون ٿي رهيون آهن جيڪڏهن ڪوبه آپريشن ٿيو ته اعلانيه ٿيندو انهي کي لڪائينداسين ڇو؟پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وادي تيره ۾ ڪوبه آپريشن نه ٿي رهيو آهي جيڪڏهن ڪوبه آپريشن ڪيو ته سڀني کي ٻڌائينداسين اتي صرف نيشنل ايڪشن پلان جي تحت ڪارروائي ٿي رهي آهي.هن چيو ته وادي تيراهه تي پي ٽي آءِ منفي سياست شروع ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ وارا وادي تيراهه ۾ آپريشن ته ڪرڻ چاهين ٿا پر لڪي رهيا آهن. وفاقي حڪومت کي ڪوبه آپريشن ڪرڻو هوندو ته لڪائيندي ڇو؟ تيراهه ۾ جڏهن به آپريشن ٿيندو ته اهو اعلانيه هوندو.طلال چوڌري چيو ته وادي تيراهه جي ماڻهن کي فراهم ڪيل امداد ۾ خرد برد ڪئي وئي. ڪوهستان مالي اسڪينڊل سڀني جي سامهون آهي. چار ارب روپين جي بدعنواني ڪئي وئي، هاڻ هي ماڻهو سياسي بيانيو ٺاهڻ ۽ ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ بهانا ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو