توهين عدالت ڪيس: عمران خان جي وڪيل پاران ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل

توهين عدالت ڪيس: عمران خان جي وڪيل پاران ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل

اسلام آباد)بيورو رپورٽ)توهين عدالت ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي وڪيل 25 مئي جي واقعن جي وضاحت لاءِ التوا واري درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته منهنجو موکل افسوسناڪ واقعي سبب اسپتال ۾ داخل آهي، عمران خان جي اسپتال وڃڻ سبب جواب داخل ڪرائڻ ممڪن ناهي.عمران خان جي وڪيل طرفان استدعا ڪئي وئي ته ڪيس جي ٻڌڻي في الحال ملتوي نه ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو