اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عمران خان خلاف توهين اليڪشن ڪميشن واري ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي وڪيل کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي.ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن عمران خان خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عمران خان طرفان وڪيل علي بخاري پيش ٿيو جنهن ٻڌڻي دوران استدعا ڪئي ته الزامن جي ڪاپي جمع ڪرائڻ جي لاءِ وقت ڏنو وڃي. وڪيل علي بخاري چيو ته الزامن جي ڪاپي به ناهي ڏني وئي، مون کي فون تي 29 هين آگسٽ جي رات اهو ڪيس ڏنو ويو. جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته 19 آگسٽ تي نوٽيس جاري ٿيو، اڄ 30 هين آگسٽ آهي، توهان کي ڪيس ۾ ڪهڙو جواب جمع ڪرائڻو آهي؟ توهان کي شوڪاز ڪري نوٽيس جاري ڪري ٿا ڇڏيون.پي ٽي آءِ وڪيل چيو ته اڄ مان پاور آف اٽارني جمع ڪرائي ٿو ڇڏيان، جنهن تي بئنچ ميمبر شاهه محمد جتوئي چيو ته اوهان کي وضاحت جو پورو موقعو ڏينداسين، علي بخاري چيو ته اڄ تائين ڪنهن به وڪيل انڊر ٽيڪنگ ناهي ڏني، وڪيل پنهنجي اصيل جي نمائندگي ڪندو آهي، اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيوته اڄ اوهان آيا آهيو سڀاڻي ڪو ٻيو وڪيل اچي وڌيڪ وقت گهرندو.جنهن بعد اليڪشن ڪميشن عمران خان جي وڪيل علي بخاري کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 7 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










