توشه خانه ڪيس 2، خان جي ضمانت واري درخواست تي نوٽيس جاري

توشه خانه ڪيس 2، خان جي ضمانت واري درخواست تي نوٽيس جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عدالت توشه خانه 2 ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه 2 ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪيس جي ايندڙ تاريخ رجسٽرار آفيس مقرر ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو