اسلام آباد: ( بيورو رپورٽ ) وفاقي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ کي پاڪستان جي لاءِ اهم سبق قرار ڏيندي چيو ته توانائي جي متبادل ذريعن ڏانهن فوري منتقلي ضروري آهي.
وفاقي راڄڌاني ۾ ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊوالپمينٽ فنڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي قيادت خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ متحرڪ آهي. علاقائي ڇڪتاڻ اسان جي لاءِ اهم سبق آهي، علاقائي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي محتاط حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. توانائي جي متبادل ذريعن طرف فوري منتقلي ضروري آهي.
ناڻي واري وزير چيو ته معاشي ترقي جي لاءِ ڪيپيٽل مارڪيٽ جو ڪردار نهايت اهم آهي، مشڪل حالتن جي باوجود اسان جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، چيلنجز جي باوجود پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ مستحڪم رهي، معاشي اشارن ۾ مسلسل بهتري اچي رهي آهي.
هن چيو ته حڪومت جو ڌيان ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ مالي خساري تي رکيل آهي، خودانحصاري ئي معاشي استحڪام جو اصل رستو آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ مقامي سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ هوندو. سرمائيڪارن کي پنهنجي ملڪ ۾ سرمايو لڳائڻ جي ترغيب ڏيڻي پوندي، قومي معيشت جي استحڪام جي لاءِ داخلي وسيلن تي ڀاڙڻ ضروري آهي.










