تنقيد ڪندڙن کي هيسائڻ لاءِ نوان حربا، صحافين پاران مذمت

تنقيد ڪندڙن کي هيسائڻ لاءِ نوان حربا، صحافين پاران مذمت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومت تي تنقيد ڪندڙ صحافين کي هيسائڻ لاءِ نئون طريقو اختيار ڪندي ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ڪراچي ڊفينس پوليس ايڪسپريس ٽريبيون جي نيوز ايديٽربلال فاروقي کي کل جوڳي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ آر موجب لانڍي جي هڪ شهري جيڪو هڪ فيڪٽري ۾ مشين آپريٽر آهي تنهن ڊفينس ۾ هڪ هوٽل تي ماني کائڻ دوران بلال فاروقي جي فيس بڪ اڪائونٽ تي فوج خلف نفرت انگيز مواد ڏسي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني جنهن تي پوليس صحافي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن هڪ وڪيل چوڌري نويد جي درخواست تي پيمرا جي اڳوڻي چيئرمين ابصار عالم تي فوج ۽ وزيراعظم خلاف سوشل ميڊيا تي توهين آميز انداز ۾ تنقيد ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني ۽ دينه ٿاڻي تي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻنهي ڪيسن ۾ مبينه توهين آميز مواد ظاهر ناهي ڪيو ويو ته هنن ڇا چيو آهي؟ صحافين جي تنظيمن ان طريقه واردات جي مذمت ڪندي ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر امتياز خان فاران ۽ سيڪريٽري امان صابر چيو آهي ته صحافين کي ڪوڙن ڪيسن ذريعي خاموش ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو