تلھار (رپورٽر): تلھار ۾ منهائپڪي شاخ جي پوڇڙ تائين زرعي پاڻيءَ جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن پاران سخت احتجاج ڪندي مين روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.آبادگارن جو چوڻ هو ته سارين جي مند شروع ٿيندي ئي آبپاشي عملدارن پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب فصل سُڪي رهيا آهن. آبادگارن آڪسفورڊ موڙ وٽ مين روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور بند ڪري ڇڏي.ڌرڻي سبب تلھار، راچوخانائي، ماتلي ۽ ٽنڊو غلام علي سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن ڏانهن ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو. آبادگارن مطالبو ڪيو ته آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري منھائپڪي شاخ جي پوڇڙ تائين پاڻي جي ترصيل فوري طور يقيني بڻائي وڃي.










