ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو همناڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ مضبوط قانونن، تعليم تائين وسيع رسائي، سماجي تحفظ ۽ اهڙن قدمن تي مسلسل ڪم ڪري رهي آهي جيڪي ٻارن کان مشقت جا بنيادي سبب ختم ڪن. چائلڊ ليبر خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي هن چيو ته بين الاقوامي ۽ قومي ادارن جي تازي رپورٽن مطابق پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 8.6 ملين ٻار چائلڊ ليبر جو شڪار آهن، ۽ هر ڏهن مان هڪ ٻار ڪنهن نه ڪنهن قسم جي مشقت ۾ شامل آهي، جيڪا اڪثر خطرناڪ ۽ غير محفوظ حالتن ۾ ٿئي ٿي. هن چيو ته اها صورتحال فوري ۽ گڏيل قدمن جي متقاضي آهي ته جيئن ٻارن کي انهن جو بنيادي حق يعني تعليم ۽ محفوظ ٻارپڻ ملي سگهي.سکديو همناڻي چيو ته سنڌ ۾ چائلڊ ليبر ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي ۽ اها شرح 1996 جي بنيادي سروي جي مقابلي ۾ لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي. اهي انگ اکر سنڌ چائلڊ ليبر سروي 2022–2024 مان حاصل ٿيا آهن، جيڪو يونيسف جي معاونت سان تيار ڪيو ويو.هن چيو ته جيتوڻيڪ چئلينجز اڃا به موجود آهن، پر تعليم، سماجي تحفظ ۽ قانوني سڌارن سبب سنڌ ۾ واضح بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي.ترجمان چيو ته سنڌ ٻارن جي تحفظ لاءِ اهم قانون سازي ڪئي آهي. سنڌ پروهيبيشن آف ايمپلائمنٽ آف چلڊرن ايڪٽ 2017 تحت ٻارن کان مشقت ۽ خطرناڪ ڪمن تي سخت پابنديون لڳايون ويون آهن.هن وڌيڪ چيو ته تازو ئي سنڌ اسيمبلي سنڌ ڊوميسٽڪ ورڪرز ويلفيئر بل 2025 منظور ڪيو آهي، جنهن تحت 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي گهريلو ملازمت ۾ رکڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ گهريلو ملازمن لاءِ قانوني تحفظ ۽ فلاحي قدمن کي مضبوط بڻايو ويو آهي.هن چيو ته غربت، تعليم تائين محدود رسائي ۽ سماجي ڪمزوري چائلڊ ليبر جا وڏا سبب آهن. انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ پهريون ڀيرو اسڪول کان ٻاهر ٻارن لاءِ خاص نان فارمل ايجوڪيشن نصاب متعارف ڪرايو آهي، جڏهن ته صوبي ڀر ۾ 3000 نان فارمل ايجوڪيشن سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ ٻارن کي تعليمي نظام جو حصو بڻائي سگهجي.سکديو همناڻي چيو ته سنڌ رائٽ ٽو ايجوڪيشن ايڪٽ تحت هر ٻار کي 16 سالن جي عمر تائين مفت ۽ لازمي تعليم جو حق حاصل آهي، جڏهن ته حڪومت ڪتاب، تعليمي سامان ۽ ٻيون سهولتون به فراهم ڪري رهي آهي.هن چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF) تعليمي سهولتن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، خاص ڪري پري ۽ پسمانده علائقن ۾. هن وقت SEF تحت 35 سنڌ پيپلز اسڪول ڪم ڪري رهيا آهن، جتي گهٽ آمدني وارن ۽ محروم طبقن جي ٻارن کي معياري ۽ مفت تعليم ڏني پئي وڃي. اهي قدم اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي تعداد گهٽائڻ ۽ چائلڊ ليبر جي خاتمي ۾ مددگار آهن.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ پاڪستان ۾ پهريون صوبو بڻجي GSP پلس فريم ورڪ جي نفاذ ۾ به پيشرفت ڪئي آهي، جيڪو عالمي ليبر اسٽينڊرڊز ۽ انساني حقن جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو.سکديو همناڻي چيو ته “چائلڊ ليبر صرف گهٽ عمري ۾ مزدوري جو مسئلو نه پر ان جو تعلق تعليم، موقعن ۽ سماجي انصاف سان به آهي. سنڌ حڪومت جو عزم آهي ته هر ٻار اسڪول ۾ هجي نه ڪنهن ورڪ پليس تي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ سنڌ حڪومت ٻارن جي تحفظ ۽ بهتر مستقبل لاءِ پنهنجين پاليسين تي عمل جاري رکندي.”










