تعليم کاتي جي لاپرواهي، 4 سالن کان استاد مقرر نه ٿيو

تعليم کاتي جي لاپرواهي، 4 سالن کان استاد مقرر نه ٿيو

نئون ڪوٽ (پيارعلي نھڙيو) يونين ڪائونسل فضل ڀنڀرو جي ڳوٺ عبدالرحيم نهڙي جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول تعليم کاتي جي لاپرواهي سبب 4 سالن کان بند پيل، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ اسڪول ۾ هڪ ڳوٺاڻو پرائيويٽ استاد رکي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن بابو مولابخش نهڙي، سانوڻ نهڙي، فياض حسين نهڙي ۽ شاگردن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته 1993ع ۾ اسڪول کوليو ويو ته پهرين اسٽيج ۾ اسان کي 36480 سيمز ڪوڊ ڏنو، ٻئي اسٽيج ۾ ٻيو سيمز ڪوڊ 0447 ڏنو. جڏهن ٽيون سيمز ڪوڊ ملڻ وارو هو تڏهن سياسي مخالفت سبب تعليم کاتي جهڏو جي ٽي اي او تعليم اسان جو ڏنل سيمز ڪوڊ تعلقي جهڏو جي ڳوٺ چڱو خان جروار يونين ڪائونسل دلاور حسين جي اسڪول کي ڏئي ڇڏيو. اسان سيمز ڪوڊ حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي ميرپورخاص خلاف صوبائي محتسب اعليٰ کي درخواست ڏني جنهن تي صوبائي محتسب اعليٰ جي حڪم تي تعليم کاتي ميرپورخاص اسان کي نئون سيمز ڪوڊ 40540321 ڏنو سيمز ڪوڊ ملڻ بعد 4 سالن کان اسان کي ماستر نه ڏنو ويو آهي اسان ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ هڪ پرائيويٽ استاد رکيو آهي جنهن کي اسان ڳوٺاڻا هر مهيني پگهار ڏيندا آهيون. اسان اسڪول ۾ استاد جي مقرري لاءِ تعليم کاتي کي ڪافي درخواستون ڏنيون آهن مگر اسان جي اسڪول ۾ استاد نٿو ڏنو وڃي. هنن چيو ته اسان جا معصوم ٻارڙا ٻين ڳوٺن جي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيون ٿا ته رستي تي رولو ڪتن جو خوف آهي. ڳوٺاڻن صوبائي وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم کي اپيل ڪئي آهي ته اسڪول ۾ ماستر ڏئي معصوم شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو