ترڪي ۾ ڪار بم ڌماڪو، 8 پوليس اهلڪار زخمي

ترڪي ۾ ڪار بم ڌماڪو، 8 پوليس اهلڪار زخمي

انقرهه(ويب ڊيسڪ)ترڪي ۾ ڪار بم ڌماڪي ۾ 8 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.عرب ميڊيا موجب، ڌماڪو جمعي جي صبح ترڪي جي ڏکڻ اوڀر صوبي ديار باقر ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 8 پوليس اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪو روڊ جي ڪناري تي بيٺل هڪ ڪار ۾ نصب ڪيو ويو هو، ڪار ڌماڪو صبح 5 وڳي ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ گذرندڙ پوليس وين پڻ ٽڪرائجي وئي.صوبائي گورنر آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته پوليس بس ۾ سوار 9 سيڪيورٽي اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ترڪ گهرو وزير جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کانپوءِ ٻن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن تي ڌماڪي ۾ سهولتڪاري جو شڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو