اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)رٿابندي ۽ ترقيات واري وزارت موجوده مالي سال جي پهرين ٽه ماهي (جولاءِ کان سيپٽمبر) دوران وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي ترقياتي رٿائن لاءِ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت 141 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. منصوبا بندي واري وزير احسن اقبال طرفان وزارت جي آگسٽ 2025 جي مهينيوار ترقياتي اپڊيٽ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آزاد جمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ فنڊز موسمي رڪاوٽن سبب سال ۾ ٻه ڀيرا جاري ڪيا ويندا. وزارت موجب، خزاني واري وزارت مالي سال 2026 جي ترقياتي بجيٽ لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ جي حڪمتِ عملي جاري ڪئي آهي، جنهن تحت هڪ کرب رپين جي پي ايس ڊي پي مان 15 سيڪڙو جولاءِ کان سيپٽمبر، 20 سيڪڙو آڪٽوبر کان ڊسمبر، 25 سيڪڙو جنوري کان مارچ ۽ باقي 40 سيڪڙو اپريل کان جون تائين جاري ڪيا ويندا. منصوبا بندي واري وزارت هن حڪمت عملي کي چيلينج ڪيو آهي ۽ موقف اختيار ڪيو آهي ته پهرين ٽه ماهي ۾ گهٽ رقم جاري ڪرڻ سان منصوبن جي پيش رفت متاثر ٿئي ٿي۔ منصوبا بندي واري وزير خزاني واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته پهرين ٽه ماهي جو اجرا 15 سيڪڙو کان وڌائي 20 سيڪڙو ڪيو وڃي ۽ آخري ٽه ماهي جو اجرا 40 سيڪڙو کان گهٽائي 30 سيڪڙو ڪيو وڃي، جيئن سڄي سال منصوبا هڪجهڙي رفتار سان جاري رهن.










