سينيٽ چيئرمين جي چونڊ لاءِ اي اين پي کي مدد جي اپيل

سينيٽ چيئرمين جي چونڊ لاءِ اي اين پي کي مدد جي اپيل

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف سينيٽ چيئرمين جي چونڊ لاءِ عوامي نيشنل پارٽي کان مدد گهري ورتي آهي.بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ تحريڪ انصاف جي وفد سينيٽ چيئرمين جي لاءِ حڪومتي اميدوار صادق سنجراڻي سان گڏ ولي باغ جو دورو ڪيو ۽ اتي اي اين پي جي سينئر نائب صدر امير حيدر هوتي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اي اين پي جو صوبائي صدر ايمل ولي خان ۽ پي ڊيم ايم جو ترجمان ميان افتخار حسين به موجود هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي وفد اي اين پي کان سينيٽ چيئرمين جي چونڊ لاء مدد گهري آهي جنهن تي اي اين پي جي وفد ٻڌايو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جي حوالي سان پارٽي سان صلاح مشوري کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو. اي اين پي جي سينئر  نائب صدر امير حيدر هوتي وفد کي ٻڌايو ته ولي باغ پختون قومي تحريڪ جو مرڪز آهي.سياسي معاملن کي سياسي طريقيڪار جي ذريعي حل ڪرڻ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ آهي. اي اين پي، پي ڊي ايم جو حصو آهي. اوهان جي اچڻ کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. اي اين پي ۾ سمورا فيصلا صلاح مشوري سان ٿيندا آهن. اوهان جي درخواست  تي به پارٽي سان صلاح مشورا ڪنداسين. واضح رهي ته عوامي نيشنل پارٽي هڪ ئي وقت اپوزيشن اتحاد ۽ بلوچستان  ۾ حڪومت جو حصو آهي. تازين سينيٽ جي چونڊن ۾ عوامي نيشنل پارٽي بلوچستان مان به هڪ سينيٽ جي سيٽ حاصل ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو