ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته معيشت جي دشمن عنصرن جو خاتمو آندو ويندو، ۽ ڪاروباري برادري جي تعاون سان ڏوهارين خلاف مڪمل ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.آءِ جي سنڌ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ماضي ۾ به معيشت ۾ رڪاوٽ وجهندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي.هن چيو ته سنڌ حڪومت، پوليس ۽ ڪاروباري برادري معيشت جي حفاظت لاءِ هڪ ئي صفحي تي آهن.ٻئي طرف، پوليس ترجمان موجب، هن سال ڀتا خوري جا 118 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان صرف 44 ڪيس حقيقي نڪتا، ڀتا خوري جي 78 شڪي ماڻهن مان 43 کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته 5 پوليس اهلڪار به مقابلن ۾ مارجي ويا.










