تائيوان ۾ طوفان سبب تباهي، ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ لاپتا

تائيوان ۾ طوفان سبب تباهي، ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ لاپتا

ٽائي پائي (ويب ڊيسڪ)ٽائيفون گامي تائيوان ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي.پرڏيهي خابرو اداري موجب تائيوان ۾ طوفاني برساتن جو سلسلو جاري آهي، طوفاني برساتن سبب تائيوان ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به اسڪول، آفيسون ۽ ڪاروبار بند آهن، جڏهن ته ٽرين سروس به معطل آهي.مقامي ميڊيا جي رپورٽن موجب، تائيوان ۾ سڀ گهريلو ۽ بين الاقوامي پروازون منسوخ ڪيون ويون آهن ۽ اٽڪل 500,000 گهر بجلي کان سواء آهن.نيوز ايجنسي موجب تائيوان ۾ طوفان سبب مختلف حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 266 زخمي ٿي پيا آهن.اختيارين موجب تنزانيا جي پرچم وارو مال بردار جهاز تائيوان جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويو آهي، ٻيڙي ٻڏڻ سبب عملي جا 9 ميمبر لاپتا آهن، جن جي ڳولا جاري آهي.هوڏانهن چين ڏانهن وڌڻ واري طوفان جي ڪري چين جي صوبن فوجيان ۽ جيانگ ۾ برسات شروع ٿي وئي آهي، مقامي انتظاميا تيز برساتن سبب سيلاب الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ فوجيان ۾ ٽرين سروس کي احتياطي طور تي بند ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو