ڪينبرا: (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني آل رائونڊر شاداب خان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ فارم ۾ اچي ويو آهي. ليگ اسپنر شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم سڊني ٿنڊر کي بگ بيش ليگ (بي بي ايل) سيزن 15 ۾ پهرين ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔
سومر تي مانوڪا اوول ۾ کيڏيل ميچ ۾ سڊني ٿنڊر برسبين هيٽ کي 34 رنز تان شڪست ڏني۔
پهريان بيٽنگ ڪندي سڊني ٿنڊر جي اوپنرز سيم ڪونسٽس ۽ ميٿيو گلڪس شاندار شروعات ڏني ۽ سينچري ڀائيواري قائم ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 193 رنز ٺاهيا۔
سيم ڪونسٽس 45 بالز تي 63 رنز جي اهم اننگ کيڏي، جنهن ۾ 8 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته ميٿيو گلڪس 48 بالز تي 76 رنز ٺاهيندي نمايان رهيو۔
وڪيٽ ڪيپر بيٽر سيم بلنگز آخر ۾ 11 بالز تي 25 رنز جي جارحاڻي اننگ کيڏي، جنهن ۾ 2 چوڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا۔
برسبين هيٽ طرفان شاهين شاهه آفريدي 4 اوورن ۾ 35 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، جڏهن ته جيڪ وائلڊرمٿ 2 ۽ ميٿيو ڪوهن مين هڪ وڪيٽ ورتي۔
جواب ۾ برسبين هيٽ جي ٽيم 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 159 رنز ٺاهي سگهي، ۽ ڪو به بيٽر اڌ سينچري نه ٺاهي سگهيو، جنهن جو وڏو سبب شاداب خان جي تباهه ڪندڙ بالنگ هئي۔
شاداب خان برسبين هيٽ جي ٽاپ آرڊر کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ۽ ڪولن منرو، جيڪ وائلڊرمٿ ۽ ميٽ رينشاو جون اهم وڪيٽون حاصل ڪيون۔
هيٽ طرفان هيو ويبَن 26 بالز تي 30 رنز ٺاهي ڪجهه مزاحمت ڏيکاري، جڏهن ته ميڪس برائنٽ 18 بالز تي 25 رنز جو اضافو ڪيو، پر ٻيا بيٽر خاطرخواهه ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا۔
شاداب خان سڊني ٿنڊر جو نمايان رانديگر رهيو، جنهن 4 اوورن ۾ 24 رنز ڏئي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ پنهنجي ٽيم کي هن سيزن جي پهرين فتح ڏيارئي۔
سوشل ميڊيا تي شاداب خان جي هن شاندار ڪارڪردگي کان پوءِ ايندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم ۾ سندس شموليت بابت بحث شروع ٿي ويو آهي۔










