اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪيپيٽل پوليس اينٽي وهيڪل لفٽنگ يونٽ جو وڏو ۽ ڪامياب آپريشن ڪندي گاڏي چورن جي بين الصوبائي گروه جي ٻن اهم ميمبرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. انچارج AVLU رانا محمد اشرف ميمڻ پنهنجي ٽيم سان گڏ شهرين کي قيمتي گاڏين کان محروم ڪندڙ بين الصوبائي ڪار چور گينگ جي ٻن ميمبرن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 85 لک رپين جون 4 ڪارون هٿ ڪري ورتيون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته قانون ۾ سخت سزا نه هجڻ ڪري چور ڪجهه مهينن بعد آزاد ٿي وڃن ٿا، جيسين سخت سزا قانون ۾ تجويز نه ٿيندي تيسين هن قسم جي ڏوهن ۾ گهٽتائي مشڪل آهي.










