پشاور(ويب ڊيسڪ) بيروزگاري ۽ مهانگائي کان تنگ ٿي نوجوان پنهنجي سس جي گهر تي هٿ صاف ڪري ڇڏيو. پوليس موجب چوري جو هي منفرد واقعو پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ پيش آيو، جتي ناٺي پنهنجي سهري جي گهر م ڌاڙو هڻي لکين روپين جي ماليت جو سون، روڪ رقم ۽ پرڏيهي ڪرنسي چورائي. پوليس موجب واقعي ۾ هڪ دلچسپ ڳالهه اها به ڏسڻ ۾ آئي ته مڙس کي سهارو ڏيڻ لاءِ زال به سندس مدد ڪئي ۽ پنهنجي والدين جي گهر چوري ۾ مڙس جي مدد ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته چوري جي واقعي جو اطلاع ملندي ئي ڪارروائي ڪئي وئي، مڙس ۽ زال کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي قبضي مان چوري ٿيل ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي سميت سون جا زيور هٿ ڪيا ويا.










