بهاولنگر: (ويب ڊيسڪ) عارف والا روڊ ڦاٽڪ ويجهو ٻه موٽرسائيڪلون ٽڪرائجي ويون.حادثي ۾ هڪ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو سخت زخمي ٿي پيو. حادثي جي اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيمون به موقعي تي پهچي ويون. زخمي شخص کي نازڪ حالت ۾ فوري طور تي بهاولپور ريفر ڪيو ويو. فوت ٿيل شخص جي لاش کي ضلعي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. حادثي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










