بن قاسم ۾ موبائل شاپ تي 15 لکن جي ڦُر

بن قاسم ۾ موبائل شاپ تي 15 لکن جي ڦُر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي بن قاسم واري علائقي ۾ ٽن هٿياربندن هڪ دڪان جا تالا ٽوڙي 15 لک رپين کان وڌيڪ جو سامان ۽ نقدي ڦر ڪري فرار ٿي ويا.پوليس موجب بن قاسم ۾ ٽن هٿياربندن هڪ موبائيل شاپ جا تالا ٽوڙي 45 لک رپيا نقدي ۽ 7 قيمتي نوان سمارٽ فون ڦر ڪري ورتا، جڏهن ته جوابدار 8 سادا موبائيل فون پڻ ڦري ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي جوابدارن واقعي کان اڳ موبائيل شاپ ڀرسان هوٽل جي مالڪ کي بندوق جي زور تي يرغمال بڻائي ورتو ۽ پوءِ تيز ڪٽر جي مدد سان تالا ڪٽي ڇڏيا ۽ فرار ٿي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي موجب جوابدار هڪ ئي موٽر سائيڪل تي سوار هئا ۽ انهن پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ منهن تي ڪپڙو پاتل هو.پوليس موجب بن قاسم ٿاڻي تي موبائل شاپ جي مالڪ بخت رحمان جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو