شڪارپور (عبدالخالق سومرو) نيوفوجداري ٿاڻي جي حد ڳوٺ بهرام بنگلاڻي ۾ مهينو اڳ قتل ٿي ويل مقتول مزار بنگلاڻي جي وارثن پاران مقتول جي قاتلن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن جاويد بنگلاڻي، محمد دائم بنگلاڻي، گلزار، غلام رسول بنگلاڻي ۽ ٻين چيو ته جوابدارن ڪرم الله، قربان، عبدالواحد، مراد علي، غوث بخش سڀئي بنگلاڻي ڳوٺ مان بيدخل ڪرڻ لاءِ ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هڻي اسان جي نوجوان مزار کي قتل ڪيو آهي، هنن چيو ته هن وقت تائين نيو فوجداري پوليس هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪيو آهي، جوابدار بااثر آهن جيڪي سرعام گهمي رهيا آهن، پوليس سندن خلاف ڪا ڪاروائي نه ڪئي آهي، هنن چيو ته پوليس اسان جي ڪيس جا جوابدار گرفتار ڪرڻ بجاءِ اسان جي خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، هنن دانهيو ته جوابدارن اسان جي ڳوٺ ٻاهران رستن تي هٿياربند ويهاري رستا بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب اسين ڳوٺ ۾ بند ٿي ويا آهيون، هنن چيو ته رستن تي هٿياربند هجڻ سبب اسان جا معصوم ٻار اسڪول به نه ٿا وڃي سگهن، اسان کي ڊپ آهي ته جوابدار حملو ڪري وڌيڪ جاني نقصان ڪندا، هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان تحفظ جي گهر ڪئي آهي.










