دبئي (ويب ڊيسڪ)ايشيا ڪپ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان لو اسڪورنگ ميچ هوندي به بنگلاديش کي دلچسپ مقابلي بعد 11 رنز تان شڪست ڏئي فائينل ۾ پهچي ويو آهي، فائنل ۾ سندس مقابلو ڀارت سان آچر تي وري ٿينديو. بنگلاديش 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 124 رنز ٺاهي سگهيو. بنگلاديش بظاهر 136 رنز جو آسان ٽارگيٽ چيز ڪندي به ابتدا کان مشڪل جو شڪار رهيو، پهرين اوور ۾ پرويز حسين زيرو تي آئوٽ ٿي، شاهين جي بال تي صائم ايوب سندس ڪيچ پڪڙيو، توحيد هريداءِ 5 رنسون ٺاهي شاهين جو ٻيو شڪار بڻيو کيس صائم ايوب ڪيچ ڪيو، سيف حسن 18 رنز اسڪور ڪري حارث جي بال تي صائم ايوب هٿان ڪيچ ٿيو،، مهدي حسن 11 رنز ٺاهي نواز جي بال تي حسين طلعت هٿان ڪيچ ٿيو، نورل الحسن 16 رنز ٺاهي صائم جي بال تي نواز هٿان ڪيچ ٿيو، شميم حسين 30 رنز ٺاهي شاهين جي بال تي حسين طلعت هٿان ڪيچ ٿيو، ذاڪر علي 5 رنز ٺاهي صائم جي بال تي نواز هٿان ڪيچ ٿيو، تنظيم حسن ثاقب 10 رنز ٺاهي حارث جي بال تي بولڊ ٿيو، تسڪين احمد 4 رنز ٺاهي حارث هٿان بولڊ ٿيو. 19 هون اوور فهيم اشرف ڪرايو کيس 10 رنز پيا، آخري اوور حارث رئوف ڪرايو، جنهن کان اخري اوور ۾ 11 رنز ورتيون. پاڪستان دلچسپ مقابلي بعد 11 رنز تان بنگلاديش کي شڪست ڏني. ايشيا ڪپ 2025 جي سڀ کان اهم ميچ ۾، بنگلاديش پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان جي بيٽنگ هڪ دفعو ٻيهر ناڪام نظر آئي ۽ 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنز ٺاهي سگهي. پاڪستاني ٽيم منڍ کان مشڪل جو شڪار ٿي، صاحبزاده فرحان 4 رنز ٺاهي تشڪين احمد جي بال تي رشاد حسين هٿان ڪيچ ٿيو، ون ڊائون آيل صائم ايوب چوٿون ڀيرو ايشيا ڪپ ۾ زيرو تي آئوٽ ٿيو، هو مهدي حسن جي بال تي رشاد حسين هٿان ڪيچ ٿيو. فخر الزمان به وڏي اننگ نه کيڏي سگهيو ۽ رشاد جي بال تي تنظيم حسن هٿان ڪيچ ٿيو،هن 20 بالن تي 13 رنز ٺاهيون. ڪپتان سلمان آغا به ناڪام رهيو ۽ 23 بالن تي 19 رنز ٺاهي وقتي ڪپتان ذاڪر هٿان مستفيض جي بال تي ڪيچ ٿيو.حسين طلعت 7 بالن تي 3 رنز ٺاهي، رشاد جي بال تي سيف حسن هٿان ڪيچ ٿيو. اڄ شاهين آفريدي کي اڳ ۾ موڪليو ويو ۽ کيس 3 ڀيرا چانس مليو پر پوءِ به 2 ڇڪا هڻي 13 بالن تي 19 رنز ٺاهي تسڪين احمد جي بال تي ذاڪر علي هٿان ڪيچ ٿيو. پاڪستان جي اڌ ٽيم 49 تي پويلين موٽي وئي. جنهن بعد محمد حارث ۽ محمد نواز اسڪور اڳتي وڌايو. محمد حارث 18 هين اوور ۾ هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 23 بالن تي 31 رنز ٺاهي مهدي حسن جا بال تي بالر هٿان ڪيچ ٿيو، محمد نواز به ٻن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 15 بالن تي 25 رنز ٺاهي تسڪين احمد جي بال تي پرويز حسين هٿان ڪيچ ٿيو. دبئي ۾ ايشيا ڪپ جي سپر فور ميچ ۾، ذاڪر علي، جيڪو بنگلاديش جي مستقل ڪپتان لٽن داس جي غير موجودگي ۾ ڪپتان طور ڪم ڪري رهيو هو، ٽاس کٽي پاڪستان کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.قومي ٽيم ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي آهي ۽ سريلنڪا خلاف ميدان ۾ لهندڙ پليئنگ اليون سان کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ٽاس جي وقت ڳالهائيندي، سلمان علي آغا چيو ته اسان ٽاس کٽڻ کان پوءِ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هوندو، اسان سريلنڪا خلاف فتح جو سلسلو برقرار رکنداسين ۽ پلان مطابق کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين.










