لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گهرو وزير ڪرنل رٽائرڊ هاشم ڊوگر چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري سان تحريڪ انصاف لانگ مارچ شروع ڪندي، جڏهن ته بني گالا تي پوليس ڇاپو هنيو ته پوليس به تلاشي لاءِ جاتي امرا ڏانهن ويندي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هاشم ڊوگر چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت جو جاچ ادارو پنجاب ۾ صوبائي پوليس جي سهڪار کانسواءِ آپريشن ڪندو ته لاڳاپيل ضلعي جي پوليس سربراهه خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.هن چيو ته نواز شريف جي وطن واپسي جي صورتحال ڏسڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو ته کيس سڪيورٽي ڏني وڃي يا نه.گهرو وزير چيو ته پنجاب اسيمبلي جي استحقاق ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ جيڪڏهن وفاقي وزير خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.هاشم ڊوگر وڌيڪ چيو ته 25 مئي جي پرتشدد واقعن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وئي آهي، جنهن جي روشني ۾ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.










