دادو(ن سنڌيار) دادو ۾ ڳوٺ دوداڻي جمالي جي رهواسين بنيادي سهولتن نه ملڻ خلاف ايم اين اي دادو جوهي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪري هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ان موقعي تي ڳوٺاڻن شيرل جمالي، امير جمالي، احمد جمالي ۽ ٻين چيو ته سڄي زندگي پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنا آهن پر اسان جي ڳوٺ ۾ ڪابه بنيادي سهولت نه آهي تازين برساتن اسان جي ڳوٺ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي اسان جي ڳوٺ ۾ گذريل 20 سالن کان روڊ جي اسڪيم ته ٺهيو پر سرڪاري اسڪول جي مرمت به نه ٿي ڪرائي وئي آهي










