پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا جي ضلعي بنو ۾ اربع ڏينهن “دهشتگردن جي حملي” دوران فرنٽيئر ڪانسٽيبلري (ايف سي) جا 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا اهن. بنو ن پوليس جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته: “دهشتگردن، بنو جي سرحدي علائقي تختي خيل وزير ۾ واقع فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو. ”حملي جي نتيجي ۾ ايف سي جا ڇهه اهلڪار زخمي ٿيا، پر ڪانسٽيبلري جي فوري جوابي ڪارروائي سبب دهشتگرد فرار ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا.“ هڪ هفتي کان ڪجهه وقت اڳ صدر آصف علي زرداري هڪ آرڊيننس جاري ڪيو هو، جنهن تحت وفاقي حڪومت کي ايف سي کي، جيڪا سرحدي سيڪيورٽي فورس آهي، فيڊرل ڪانسٽيبلري ۾ تبديل ڪيو ويو هو. عامر خان وڌيڪ چيو ته زخمين کي علاج لاءِ بنو ن جي گڏيل فوجي اسپتال (سي ايم ايڇ) منتقل ڪيو ويو آهي. ”پوليس جون ٽيمون واقعي واري علائقي ڏانهن موڪلي ويون آهن ۽ دهشتگردن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي،“ پاڪستان ۾ خاص طور تي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ واڌ ٿي آهي، جتي گهڻو ڪري پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو وڃي ٿو. اهي حملا 2022ع ۾ جڏهن پابندي شده تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) حڪومت سان جنگبندي معاهدو ختم ڪيو، تنهن کانپوءِ تيزي سان وڌيا. گذريل ڪجهه مهينن دوران خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي علائقن — جن ۾ بنو، پشاور، ڪرڪ، لکي مروت ۽ باجوڙ شامل آهن — ۾ مسلسل حملا ٿيا آهن، جن مان خاص طور تي هن مهيني بنو ۾ پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو. هڪ ڏينهن اڳ هڪ پوليس اهلڪار حيات الله، جيڪو ڊيوٽي کان واپس وڃي رهيو هو، تي دهشتگردن حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هو شهيد ٿي ويو. 21 جولاءِ تي، بنو جي بڪاخيل شهر ۾ هڪ پوليس اسٽيشن تي هڪ درجن کان وڌيڪ دهشتگردن حملو ڪيو. بهرحال، پوليس اهلڪارن ڀرپور جواب ڏنو ۽ عمارت تي قبضي جي سندن ناپاڪ منصوبي کي ناڪام بڻايو. پوليس بنو جي ڳوٺ غوري والا ۾ هڪ ٻي تخريبڪاري جي ڪوشش کي به ناڪام بڻايو، جتي بارودي مواد کي ناڪاره بڻايو ويو. هڪ عملدار ٻڌايو ته بارودي مواد هڪ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن دوران هٿ آيو. 19 جولاءِ تي، دهشتگردن پاران بنو جي مريان ٿاڻي تي ڊرون (ڪواڊ ڪاپٽر) ذريعي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت هڪ آفيسر زخمي ٿي پيا.










