بنون ۾ فورسز جو آپريشن، 2 خارجي مارجي ويا

بنون ۾ فورسز جو آپريشن، 2 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ ) سڪيورٽي فورسز بنون ضلعي ۾ ڪارروائي دوران ڀارتي سرپرستي حاصل ڪندڙ فتنا الخارج سان تعلق رکندڙ 2 خارجين کي ماري ڇڏيو.
پاڪستان فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) موجب، 19 اپريل 2026 تي، سيڪيورٽي فورسز خوارج جي موجودگي بابت اطلاع ملڻ کان پوءِ بنون ضلعي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران، هندستان جي سرپرستي هيٺ فتنه الخارج سان تعلق رکندڙ ٻه خارجين سخت فائرنگ جي تبادلي کانپوءِ مارجي ويا. مارجي ويل خارجين ۾ سرغنه وحيد الله عرف مختيار ۽ هڪ خودڪش بمبار شامل هو.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل خوارج جي قبضي مان هڪ خودڪش جيڪٽ، هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو